اسلام آباد: (سومر: 20 مارچ 2023ع) رمضان المبارڪ مهيني لاءِ وفاقي سرڪاري آفيسن جو وقت جاري ڪيو ويو آهي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب رمضان المبارڪ ۾ وفاقي سرڪاري آفيسن جو وقت سومر کان خميس تائين صبح 7:30 منٽن کان 1:30 تائين هوندو.
سرڪاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جمعي تي وفاقي سرڪاري آفيسن جو وقت صبح 7:30 منٽن کان 12 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي عام موڪل هوندي.