31

توشه خانه ڪيس: نيب عمران خان ۽ سندس گهر واري کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (سومر: 20 مارچ 2023ع) نيب توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. نيب راولپنڊي پاران عمران خان جي بني گالا واري گهر نوٽيس اماڻيو ويو آهي.
ذريعن موجب نيب توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهر واري جي طلبي لاءِ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيس ۾ عمران خان کي نيب راولپنڊي ۾ جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيس ۾ توشه خانه مان کنيل آءِ فون ۽ روليڪس گهڙين جو به ذڪر، آهي، نوٽيس ۾ عمران خان کي چيو ويو آهي ته توهان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، توهان رياستي تحفا وڪرو ڪري رڪارڊ ظاهر نه ڪيو.
ان کان اڳ توشه خانه ڪيس جي جاچ لاءِ قومي احتساب بيورو عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 9 مارچ تي راولپنڊي آفيس ۾ طلب ڪيو هو. طلبي جو نوٽيس عمران خان جي رهائشگاهه ۽ چڪ شهزاد اسلام آباد جي گهر ڏانهن اماڻيو ويا هئا.
اويس نيازي طرفان طلبي جو نوٽيس وصول ڪيو ويو. نيب جي نوٽيس ۾ بشريٰ بي بي کي 15 سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں