34

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (سومر: 20 مارچ 2023ع) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جو شيدول رد ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کي چوان ٿو ته شيڊيول فوري طور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ ”ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز“ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽي حيدرآباد ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي جماعت طور اڀري، الزام لڳندا هئا ته پيپلزپارٽي مڪاني چونڊون نٿي چاهي پر پيپلزپارٽي محنت ڪري چونڊ کٽي.

هن چيو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالو ميئر هوندو ته قيامت اچي ويندي؟ هاڻ انهن کان هضم نه پيو ٿئي ته ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو هجي، حيران آهيان ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿي چڪيون آهن پر عوام نمائندن کان محروم آهيون، ڄاڻي واڻي نمائندن کان محروم ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته اسان انسانيت جي بنياد تي علاج ڪندا آهيون، اين آءِ سي وي ڊي هر صوبي ۾ سڄي قوم لاءِ ماڊل بڻجڻ گهرجي، صحت ۾ انقلاب مفت علاج آهي ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو تسلسل رڪجڻ وارو ناهي، اين آءِ سي وي ڊي يورپ ۽ ڀارت جي ڪنهن اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں