اسلام آباد: (اربع: 15 مارچ 2023ع) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪا مذهبي جماعت ڪري ها ته ان کي دهشتگرد ۽ باغي قرار ڏنو وڃي ها ۽ فوج به ان جي خلاف حرڪت ۾ اچي وڃي ها.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الرحمان چيو ته عمران خان جو عمل رياستي رٽ کي ڪمزور ڪرڻ جهڙو آهي، عمران خان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ڪلچر اختيار ڪيو، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته هو ملڪ مخالف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، ڪنهن کي ڇوٽ حاصل ناهي، ڪارڪنن کي ڍال بڻائڻ بدران عمران خان ڪيسن کي منهن ڏئي، عمران خان کي گرفتار ڪري هر صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، رياست رٽ برقرار رکڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري، تحريڪ انصاف ڪا سياسي جماعت ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جهڙو ڪم جيڪڏهن ڪا مذهبي جماعت ڪري ها ته ان کي دهشتگرد به قرار ڏنو وڃي ها، باغي به قرار ڏنو وڃي ها، ان خلاف فوج به حرڪت ۾ اچي وڃي ها پر ڪهڙيون طاقتون آهن، جيڪي عمران خان جهڙي فتني کي تحفظ فراهم ڪري رهيون آهن ۽ کيس سپورٽ ڪري رهيون آهن