32

ورڪر پيٽرول بم اڇلائي رهيا آهن، خان صاحب کي سمجهايو: ياسمين راشد جي صدر سان مبينه آڊيو سامهون اچي وئي

لاهور: (اربع: 15 مارچ 2023ع) پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي صدر عارف علوي سان به مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ آڊيو ۾ ياسمين راشد صدر عارف علوي کي چئي ٿي ته هتي صورتحال گهڻي خراب آهي، اسان جا ورڪر پيٽرول بم اڇلائي رهيا آهن ۽ باهه ڏئي رهيا آهن، خان صاحب کي سمجهايو نه ته ماڻهو ۽ پوليس وارا مارجي ويندا.

صدر مبينا طور ياسمين راشد کي جواب ڏنو ته مان ڪجهه ڪيان ٿو، مان اسد عمر سان ته ڳالهايو هو، ياسمين راشد چيو اهو سڀ ٿيو ته چونڊون ملتوي ٿي وينديون، جيڪو اسان جو مقصد هو.
عارف علوي ياسمين راشد کي مبينا طور چيو ته مان ٻيهر اسد عمر سان ڳالهايان ٿو، جنهن تي ياسمين راشد چيو ته توهان شاهه جي سان به ڳالهايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں