46

دريائن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران مهاڻن جي قديم وسندي ابراهيم حيدري ڪراچي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو

ملير | رپورٽ | مشتاق گبول 15-3-2023 دريائن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران مهاڻن جي قديم وسندي ابراهيم حيدري ڪراچي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، مقررن جو چوڻ هو تہ گٽرن جو پاڻي صاف ڪرڻ بنا دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ظلم آهي، ان تي فوري طور پابندي لڳائي وڃي، سيمينار کي خطاب ڪندي سعيد بلوچ، فاطمه مجيد، طالب ڪڇي، مجيد موٽاڻي، ايوب شان خاصيخيلي، رقيه ۽ ٻين سنڌو درياءَ جي بحاليءَ جو مطالبو ڪندي چيو تہ سمورن ڊيمن مان واڌو پاڻي جو نيڪال سنڌو درياءَ ۾ ڪيو وڃي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن نوان ڊيم ٺاهڻ بابت حڪومتي پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي، هنن چيو تہ گندي پاڻي کي دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊ ۾ بغير صفا ڪرڻ جي ڇوڙ ڪرڻ تي فوري پابندي لاڳو ڪئي وڃي. سيمينار جي آخر ۾ مهاڻن سمنڊ ۾ گلن جي ورکا ڪري درياھ جي بحاليءَ لاءِ دعا گهري ۽ مهاڻن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں