37

حيدرآباد: شاهه لطيف ڪالوني ۾ ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا

حيدرآباد: (اربع: 15 مارچ 2023ع) حيدرآباد جي علائقي شاهه لطيف ڪالوني ۾ ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا، ڊرينيج جو سسٽم ناڪاره هجڻ سبب نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهي وڃڻ سبب نمازين، اسڪولي ٻارن، عورتن ۽ اتان جي رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا ميونسپل انتظاميا آڏو شڪايتون پڻ ڪيون ويون آهن پر ان باوجود اڃان تائين ان علائقي ۾ ڊرينيج جو سسٽم بهتر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري اتان جا رهواسي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
شاهه لطيف ڪالوني جي علائقي ۾ بيٺل گندي پاڻي جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي جاري ٿيڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ باوجود اڃان تائين ڪوبه لائحه عمل نه جڙي سگهيو آهي، جنهن سبب اتان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان جي مذڪوره گهٽي مان اچ وڃ گهڻي ٿيندي آهي پر اتي هميشه سيوريج جو گندو پاڻي بيٺل هوندو آهي، جنهن سبب اسان رستو ڪراس ڪرڻ ۾ سخت تڪليف پيش ايندي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان مختلف علائقن لاءِ ڪچرو اڇلڻ لاءِ ڊسٽبن جا ڊٻا پڻ ڏنا ويا آهن پر شاهه لطيف ڪالوني جي لاءِ ڪچرو اڇلڻ لاءِ ڊسٽبن به ناهن ڏنا ويا، جنهن سبب رهواسي گهر جو ڪچرو اڇلائڻ لاءِ به سخت پريشان آهن. ڪيترن ئي سالن کان احتجاج ۽ چونڊيل نمائندن آڏو دانهون ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڊسٽبن به ناهن ڏنا ويا.

هتان جي علائقي جي رهواسين قاسم سومرو، مظهر سومرو، اسد خاصخيلي، عمران ڪڇي، يونس مگسي ۽ ٻين چيو آهي ته فوري طور تي مذڪوره مسئلي کي حل ڪري اسان ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي ميونسپل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ڪچري جي ڊٻن سان گڏوگڏ گهٽي ۾ بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں