اسلام آباد: (اربع: 15 مارچ 2023ع) گلگت بلتستان پوليس جي انسپيڪٽر جنرل محمد سعيد کي عهدي تان هٽايو ويو.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان آءِ جي گلگت بلتستان کي هٽائڻ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
آءِ جي گلگت بلتستان محمد سعيد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب ڪي پي مان 20 هين گريڊ جي علي خٽڪ کي آءِ جي گلگت بلتستان مقرر ڪيو ويو آهي