35

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، شهرين طرفان مزاحمت، چڪريون، ڇڪتاڻ

ڪراچي: (اڱارو: 14 مارچ 2023ع) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 11 منور چورنگي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو سلسلو جاري آهي. آپريشن ۾ هيوي مشينري ذريعي غيرقانوني اڏاوتون پٽ ڪيون پيون وڃن.
ڪي ڊي اي اختيارين موجب آپريشن عدالتي حڪم جي روشني ۾ ڪيو پيو وڃي. پلاٽن کي خالي ڪرائي اصل مالڪن جي حوالي ڪيو ويندو. گلستان جوهر بلاڪ 10 ۾ صدر عارف علوي جو پلاٽ به خالي ڪرايو ويندو.ڪي ڊي اي اختيارين موجب پهرين مرحلي ۾ تقريبن 2 هزار کان پلاٽس تان قبضا ختم ڪرايا ويندا. قبضو ٿيل زمين تي گهر، دڪان ۽ ٻئي پڪي تعميرات ڪئي وئي آهي.

آپريشن دوران علائقي جي رهواسين طرفان پوليس مٿان سخت پٿراءُ ڪيو ويو، جواب ۾ پوليس طرفان هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ پڻ ڪئي وئي. پوليس اختيارين موجب هينئر تائين 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪچي آبادي جا سمورا ڪاغذ اسان وٽ موجود آهن. سمورا پلاٽ اسان ڪي ڊي اي کان خري دڪيا هئا جڏهن هي تعمير ٿي رهيا هئا ته انتظاميه، پوليس ۽ ڪي ڊي اي ڪٿي هيون، 20 کان 25 سال ٿي ويا آهن اسان هتي رهي رهيا آهيون. قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عام ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي. متاثرين سنڌ سرڪار کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي گهر ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں