34

پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪراچي ۾ روڊن تي نڪري آيا، ٽريفڪ جام

ڪراچي: (اڱارو: 14 مارچ 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين جي امڪاني گرفتاري کي ڏسندي تحريڪ انصاف ڪارڪن ڪراچي ۾ روڊن تي نڪري آيا.
ڪراچي جي علائقن لانڍي، دائود چورنگي، فور ڪي چورنگي، فائيو اسٽار چورنگي، شاهين ڪامپليڪس، اورنگي بنارس چوڪ، نمائش چورنگي تي احتجاج ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن قائدآباد ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي ۽ مرغي خاني اسٽاپ تي ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽيل ٽائون، گلشن حديد، ٺٽي ۽ بدين ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں