30

نواز شريف شينهن جيان گرفتاري ڏيڻ آيو، هن ڪارڪنن کي ڏنڊا کائڻ لاءِ نه ڇڏيو: مريم نواز

شيخوپورا: (اڱارو: 14 مارچ 2023ع) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته جيڪو ليڊر گرفتاري کان ڊڄي کَٽ هيٺان لڪي وڃي ان کي عمران خان چوندا آهن.
شيخوپورا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چور گرفتاري کان ڊڄندا آهن، نواز شريف لنڊن مان شينهن جيان گرفتاري ڏيڻ آيو هو، هن ڪارڪنن کي ڏنڊا کائڻ لاءِ نه ڇڏيو.

هن چيو ته جيڪو تڪليفن کان ڊڄي، ان کي ليڊر نه گدڙ چوندا آهن، ڇا نواز شريف تي برو وقت آيو ته هو لڪي ويو؟ هو پنهنجي گهرواري کي بيماري جي بستري تي ڇڏي آيو پر نواز شريف جي ڪيس جو فيصلو سهولتڪار اڳ ئي ڪري چڪا آهن، نواز شريف ڪا چوري نه ڪئي هئي.
سندس موجب عمران خان چئي ٿو ته مريم نواز کي جلسي جي اجازت آهي، مان ان کان پڇان ٿي ته ڇا توهان مون کي اها آزادي پليٽ ۾ رکي ڏني هئي؟ مان توهان جي دور ۾ ظلم برداشت ڪيو، جيڪو توهان برداشت نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن چور ناهيو ته تلاشي ڇو نٿا ڏيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں