مسوڀرڳڙي لڳ گوٺ مٺو خان حاجاڻو ۾ گورنمينٽ بوائز اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي تعليم کاتو اگهور ننڊ ستل۔ڳوٺاڻن استاد حاڪم علي حاجاڻو احمد علي حاجاڻو محمد خان حاجاڻو ڪاشف علي حاجاڻو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالها ئيندي چيو ته اسان جي اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي پئي آھي اسان ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کانپوء ڊڄون ٿا تہ اسان جي ٻارن جي مٿان اسڪول جي ڇت مان چاپڙ نہ ڪري پون ۽ اسڪول جي ڪمپائونڊ وال ڪري پٽ پئجي وئي آھي اسڪول ۾ ڪتا ۽ ٻيا جانور بہ آساني سان اندر اچن وڃن پيا اسان ٻارن کي ڳوٺ جي امام بارگاه ۾ ٻارن کي تعليم لاء موڪليون ٿا اسان ڪيترائي ڀيرا وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ۽ ٻيهر بہ تعليم جي صوبائي وزير ۽ ايم،اين،اي۔ ايم،پي،اي کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان کي نئين بلڊنگ ٺهرائي ڏني وڃي تہ اسان جا ٻار آساني سان تعليم پرائي سگھن
