35

عمران خان جي گرفتاري بابت راڻا ثناءُالله جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد: (اڱارو: 14 مارچ 2023ع) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله هر صورت ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته عدالت کان ڀَڳل شخص کي عدالت جي حڪم تي گرفتار ڪنداسين ۽ گرفتار ڪري اتي پيش ڪنداسين.
ان کان اڳ فيض پور ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي هن چيو ته عمران نيازي هڪ فتنو آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن کيس ووٽ جي طاقت سان مائنس نه ڪيو ويو ته قوم سان وڏو حادثو ڪندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں