سکر: (اڱارو: 14 مارچ 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ صوبي ۾ وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کان ايس ايس يو ڪمانڊوز جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس صلاح الدين ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ امن امان جي ڪيس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن ۾ عدالت آءِ جي سنڌ کي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جمع ڪرايل پلان تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته سنڌ حڪومت ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ بجيٽ فراهم ڪري. وي وي آءِ پيز، وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کان ايس ايس يو ڪمانڊوز سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي جڏهن ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين ماڻهن خلاف آپريشن سان گڏ ٻيا ضروري قدم کنيا وڃن.
عدالت حڪم ڏنو ته هر ڏوهه جي ايف آءِ آر کي داخل ڪيو وڃي. جاچ کي بهتر بنائڻ لاءِ فنڊز رکيا وڃن ۽ هر ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي مٿان مقرر قيمت لاڳاپيل ايس ايس پيز کي فراهم ڪئي وڃي. ان کان علاوه عدالت پبلڪ سيفٽي ڪميٽي کي به فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو