30

سموري ملڪ ۾ هلندڙ ڊجيٽل مردم شماري 2022-23 لاء ڪم ڪندڙ استادن کي ڪنوينس ۽ فيوئل نہ مليو. گھوٽڪيء جي استادن مردم شماري جي ڪم جو فيوئل يا ڪنوينس ملڻ تائين بائيڪاٽ جو اعلان

گھوٽڪي رپورٽ پنجارام ھوتواڻي 14-3-2023 سموري ملڪ ۾ هلندڙ ڊجيٽل مردم شماري 2022-23 لاء ڪم ڪندڙ استادن کي ڪنوينس ۽ فيوئل نہ مليو. 15 ڏينهن کان استادن پنهنجي ھڙان خرچ ڪري گهرن ۽ ماڻهن جي ڳڻپ ڪندا رهيا. گھوٽڪيء جي استادن مردم شماري جي ڪم جو فيوئل يا ڪنوينس ملڻ تائين بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڄ اي سي آفيس گھوٽڪيء ۾ استادن ۽ سندن اڳواڻن ڌرڻو هڻي فيوئل سميت سهوليتن جو مطالبو ڪيو ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. احتجاج ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن، سڪندر علي سنگهڙ، سراج احمد ڌانڌو، حاڪم علي ميراڻي، گسٽا جي اڳواڻن قمر الدين بلو ۽ سيد اعجاز احمد شاهہ سميت سيد جعفر شاھ محمد ادريس مهر، عبدالرزاق سارنگ ، صفت علي گبول، سيد اعجاز شاھ، بشير سندراڻي، مظفر علي ميراڻي، ذوالفقار علي چاچڙ،احسان الله دايو، استاد قربان ميراڻي، حبييب الله چاچڙ سميت ڪيترن ئي استادن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں