ڪراچي: (سومر: 13 مارچ 2023ع) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس سان معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان پنهنجي ضرورت جو ٽيون حصو ٻارڻ روس کان خريد ڪندو.
ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته مقامي صنعت کي تحفظ ڏيڻ سان شيون سستيون ٿينديون آهن، پيداوار وڌائڻ سان خوشحالي ايندي آهي، ٽيرف جو تحفظ خوشحالي ناهي آڻيندو، سستي قرض اسڪيم ۾ 600 اربن جون فيڪٽريون لڳايون پر هلائڻ لاءِ گئس ناهي.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ بحرين کان سستي گئس پنهنجي فرٽيلائزر سيڪٽر کي ڏيندو آهي، گئس جي شعبي ۾ امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ ٽيرف ڪيا ويا آهن، گئس جو جيترو بل غريب ڏيندو، ان کان چنئوڻ تي امير ڏيندو، مقامي گئس جي سرڪلر ڊيٽ ختم ڪئي وئي آهي