32

عمران خان جو آچر تي مينار پاڪستان تي جلسي جو اعلان

لاهور: (سومر: 13 مارچ 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان لاهور ۾ ريلي سان خطاب دوران آچر تي مينار پاڪستان تي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي اڳواڻي ۾ زمان پارڪ کان ريلي جي شروعات ٿي، جنهن کي مختلف رستن کان ٿيندي داتا درٻار پهچڻو هو پر عمران خان داتا درٻار پهچڻ کان اڳ ئي خطاب ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن گاڏي جي اندران ئي خطاب ڪيو.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويو، گهڙي جي معاملي تي مون تي وڏي تنقيد ڪئي وئي ۽ ڪيس ٺاهيو ويو، منهنجي هر طريقي سان ڪردارڪشي ڪئي وئي پر ن ليگ جي فنڊنگ سامهون آئي ته سڀني کي خبر پئجي وئي.
هن اعلان ڪيو ته آچر تي منجهند 2 وڳي مينار پاڪستان تي جلسو ڪندس، اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي آهي.
سندس چوڻ هو سڀني کي خبر آ ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، ملڪ تي چور مڙهيا ويا آهن، انهن جي احتساب ۽ حقيقي آزادي لاءِ قوم کي نڪرڻو پوندو.
ريلي سان خطاب کانپوءِ عمران خان واپس زمان پارڪ هليو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں