خيرپور | رپورٽ فهيم زيدي 13-3-2023 خيرپور پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، هٿيارن سميت ست جوابدار گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ غير لائسنس هٿيار هٿ، ڪيس داخل، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو جي حڪم تي ايس ايڇ او پاران ضلعي اندر مختلف هنڌن تي ڪارروايون. ڪنب، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٿاڻي تي ڪارروائي ڪري ست جوابدار امام بخش ڄامڙو، عرفان ڄامڙو، سراج شيخ، ممتاز چنا، بابر ڀٽي، توقير شيخ ۽ سودل ڪلهوڙي کي گرفتار ڪري ورتو. 2700 گرام ڀنگ برآمد، شراب جون 20 بوتلون برآمد ٻہ پستول ۽ گوليون ھٿ ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته منشيات فروشن، ۽ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
