29

حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير تي آمريڪا سان ڳالهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (سومر: 13 مارچ 2023ع) حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ دير تي آمريڪا سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪي اختيارين سان آءِ ايم ايف معاهدي تي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هاڻ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به آمريڪي سفير سان معاهدي تي ڳالهائيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هلندڙ هفتي دوران معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي، اڄ به آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف شرط مڃرائي ٻيهر اسٽاف ليول معاهدي ۾ بنا سبب دير ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا پورا ڪري چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں