34

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس

اسلام آباد: (جمعو: 10 مارچ 2023ع) چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس جاري آهي.
دفاع واري وزارت، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي اختيارين پاران اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن پڌرائي ۾ چيو هو ته وفاقي گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته چونڊن جي انتظامن لاءِ فوج، رينجرز ۽ ٻي نفري جي حوالي سان آگاهي ڏني وڃي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته چونڊن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت حساس ادارن کان بريفنگ ورتي ويندي، اليڪشن ڪميشن سومر ڏينهن پنجاب جي نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي به گڏجاڻي لاءِ گهرايو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں