37

سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

سکر: (جمعو: 10 مارچ 2023ع) سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
درخواست گذار پي ٽي آءِ سکر ضلعي جي صدر ظهير بابر موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز فوج ۽ عدليه خلاف تقريرن ذريعي عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائي رهي آهي، سندس خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، مريم نواز طرفان وڪيل ذوالفقار علي ملاڻو عدالت ۾ پيش ٿيو.

ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته درخواست ۾ مريم نواز جي سرگوڌا واري تقرير جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ڪري درخواست به سرگوڌا جي عدالت ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿي.
عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏيندي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں