اسلام آباد: (جمعو: 10 مارچ 2023ع) حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪندي بجلي صارفين تي اربين رپين جو واڌو بار وجهي ڇڏيو.
آءِ ايم ايف جو شرط پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت بجلي صارفين تي 3 رپيا 39 پئسا في يونٽ سرچارج لاڳو ڪئي، جنهن جو توانائي واري وزارت باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پڌرائيءَ موجب سرچارج صارفين کان مارچ کان جون 2023 دوران وصول ڪئي ويندي، مجموعي سرچارج وڌي 3 رپيا 82 پئسا في يونٽ ٿي ويندي، ان وقت بجلي صارفين 43 پئسا في يونٽ سرچارج ادا ڪري رهيا آهن.
سرچارج ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به لاڳو ٿيندي، جون 2023 تائين بجلي صارفين کان تقريبن 76 ارب رپيا واڌو وصول ڪيا ويندا.