مٽياري رپورٽ سومار ڇٽو 10-3-2023 تعلقي مٽياري جي شهرن اوڏيرولال اسٽيشن، اڏيرولال وليج، ڀائو خان پٺاڻ، شير محمد ٺوڙها، نوبت مري، طاهر هنڱورو، عرضي هڪڙا، الهه بخش ميرجت، فاضلاڻي موري، پارسي فارم سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ رمضان جو ڀلارو مهينو اچڻ کان اڳ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو، عام واهپي جون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، ان موقي تي نبي بخش عمراڻِي، سرادر رائو، واحد بلوچ، حاجي هڪڙو، بابو ميرجت، پپو ڏاهري، رمضان ساند گلزار هنڱورو عثمان خاصخيلي ۽ ٻين صحافين اڳيان ڌانهيندي ٻڌايو تہ مقامي واپارين جي هڪ ھٺي قائم هجڻ سبب دوڪاندارن کنڊ، اٽو گيھ، چانور، کير، گوشت، مچي فروٽ، سميت دالين ۽ ٻاڄين جا پھنجا ريٽ مقرر ڪري غريب ۽ مزدور طبقي کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن . عوامي شڪايتن باوجود ضلعي انتظاميہ ڪو بہ نوٽيس نہ ورتو، مقامي واپارين رمضان کان اڳ کاڌي پيتي جون شيون اسٽاڪ ڪري پنهنجي مرضي وارا اگھ وصول ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ غريب ۽ نوڪري پيشا طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويو آهي. هتان جي غريب عوام ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي تہ تعلقي مٽياري جي سمورن شهرن ۾ هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
