35

ماتلي ۾ تيز رفتار ٽرڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب شهرين مٿان چڙهي وئي، 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، هڪ زخمي

ماتلي: (خميس: 09 مارچ 2023ع) ماتلي ويجهو ٽنڊو غلام علي شهر جي چمبڙ ناڪي چونڪ ۾ تيز رفتار ٽرڪ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب شهرين جي مٿان چڙھي وئي جنهن سبب 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
حادثي دوران پيرسن پيرسن گومندو ڪولهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته هڪ ٻيو زخمي راجو ميگھواڙ حيدرآباد نئيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.

ٽيون زخمي نوجوان سجاد نظاماڻي به حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمي راجا لنڊ جي پڻ حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو,

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں