33

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي تقريرن ۽ بيان تي پابندي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

لاهور: (خميس: 09 مارچ 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي تقريرن تي پابندي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا پيمرا طرفان عمران خان جون تقريرون ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پابندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت عمران خان جي درخواست کي وڌيڪ ٻڌڻي جي لاءِ فل بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. عمران خان پيمرا طرفان پابندي جي نوٽيفڪيشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. عدالت وفاقي حڪومت سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪارروائي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

پيمرا 5 مارچ تي عمران خان طرفان رياستي ادارن تي الزامن جي حوالي سان ان جي تقريرن ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں