35

قلم 144 ختم ٿيندي ئي عمران خان ٻيهر روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (خميس: 09 مارچ 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قلم 144 ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 8 مارچ جا واقعا 25 مئي جو پارٽ 2 هو. ساڳيا ئي آفيسر ڪالهوڪي واقعي ۾ ملوث آهن جيڪي 25 مئي ۾ ملوث هئا. هنن جو پلان اهو آهي ته عمران خان گرفتاري ٿئي يا نااهل. ان کان پوءِ ئي چونڊون ڪرائينداسين. عمران خان چيو ته مون کي نااهل ڪريو يا گرفتار ميچ اسان کٽي چڪا آهيون هاڻ هي زبردستي گرائونڊ ۾ کيڏي رهيا آهن. هي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن ۽ منهنجي مٿان حملي جي به ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عمران خان چيو ته قلم 144 ختم ٿي ويو آهي. اسان ٻيهر روڊن تي اينداسين اسان جلد چونڊ جلسا شروع ڪري رهيا آهيون، هي ماڻهو چونڊون نٿا ڪرڻ چاهين جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون نه رهندو.

هن وڌيڪ چيو ته هنن جو پلان آهي ته عدليه کي ورهائي چيف جسٽس جي خلاف مهم هلايون، اسان اهو منصوبو ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪڏهن به آمي چيف سان ملاقات جو ناهي چيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته منهنجي خلاف جيئن ڪيس داخل ٿي رهيا آهن ان مان لڳي ٿو ته جلد ڪيسن جي سينچري ٿي ويندي. مريم نواز ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي تنقيد جو نشانو بنائيندي عمران خان چيو ته مريم ۽ بلاول جي پرورش ڪرپشن جي پئسن سان ٿي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں