32

غوثپور: ڪرمپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت

غوثپور: (خميس:09 مارچ 2023ع) ڪرمپور ڀرسان تيزرفتار لينڊ ڪروزر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زودار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عرفان نصيراڻي، قاسم نصيراڻي ۽ عامر ميراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
جڏهن ته ٽئي نوجوان ڪرمپور شهر جا رهواسي هئا، جيڪي باءِ پاس کان چانھ پيئڻ بعد واپس شهر اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

اهڙي واقعي جي اطلاع تي سوين شهري پهچي ويا، هرطرف روڄ راڙو مچي ويو. وارث اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں