ڪراچي: (خميس: 09 مارچ 2023ع) سنڌ ڪابينا ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ ان حوالي سان هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ فنڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سنڌ ڪابينا جو اجلاس ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ميمبرن کي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس کي ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي ضرورت آهي.
ٻنهي اختيارين ٻڌايو ته ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي سفارش ايپڪس ڪميٽي جي 5 جنوري جي اجلاس ۾ ڪئي وئي هئي. ملٽڙي گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ روپين جي ضرورت آهي.
سنڌ ڪابينا فنڊز منظو ر ڪر ي هٿيار خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. هاڻ ڪابينه جي منظوري کان پوءِ سنڌ حڪومت هٿيارن جي خريداري لاءِ گهرو وزارت کان اين او سي وٺندي.
سنڌ ڪابينه فيصلو ڪيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ٿيندو جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج به حصو وٺندي