اسلام آباد: (خميس:09 مارچ 2023ع) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مان دعويٰ سان چوان ٿو ملڪ ڊيفالٽ نه ڪندو، سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏيان ٿو ته ميثاق معيشت ڪن.
اسلام آباد ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو، ان حوالي سان سامهون ايندڙ خبرون گمراهه ڪندڙ آهن، پاڪستاني معيشت بابت بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.
هن چيو سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏيان ٿو ته ميثاق معيشت ڪن، ان ۾ ڪير به تبديلي نه ڪري، سياست کان مٿانهين ميثاق معيشت جي آجيان ڪيان ٿو، اسان جن عهدن تي ويٺا آهيون، الله ۽ عوام کي جوابده آهيو.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم غير ضروري خرچ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ملڪ جون معاشي ڏکيائيون ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن لاءِ 16 ارب ڊالر گهربل آهن