ٽنڊو محمد خان: (خميس: 09 مارچ 2023ع) ايس يو پي پيادل سنڌ مارچ قافلو ٽنڊو محمد خان پھتو قافلي جي آجيان گلن جي ورکاء سان ڪئي ويئي قافلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته:پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني، ڪرپشن، مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري خلاف ۽ سنڌ جي عوام جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحاليءَ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سکر کان نڪتل پيادل سنڌ مارچ 23هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو سنڌ جو عوام اسان سان گڏ آھي
سنڌ مارچ جو سيري،کٿڙ،۽ گاجاواھ تي ڀرپور استقبال ڪري قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي وئي پيادل سنڌ مارچ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنھور ۽ جڳديش آھوجا ڪري رھيا آھن
ايس يو پي جو سنڌ مارچ 15 فيبروري تي سکر کان شروع ٿيو ۽ ڪالهه شام جو پيادل ھوسڙي پھتو ھو 19 مارچ تي سنڌ مارچ جو قافلو ڪراچي پريس ڪلب پھچندو جتي ھڪ وڏو جلسو پڻ ٿيندو.