لاهور: (اڱارو:07 مارچ 2023ع) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي پي ٽي آءِ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صحيحن سان پرويز الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
فواد چوڌري عمران خان طرفان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پرويز الاهي کي پيش ڪئي.
چوڌري پرويز الاهي چيو ته اعتماد ڪرڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي آئين ۽ قانون جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين.
ياد رهي ته پرويز الاهي ڪجهه ڏينهن اڳ ق ليگ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو هو.