36

مُلڪ ۾ جلد هيٽ ويو جو امڪان، موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: (آچر: 05 مارچ 2023ع) موسميات کاتي مارچ، اپريل ۽ مئي جو موسمياتي جائزو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب مُلڪ ۾ هيٽ ويو هلندڙ مهيني ۾ ئي اچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب مارچ، اپريل ۽ مئي ۾ هيٽ ويو جا امڪان آهن، مُلڪ جي گهڻي قدر علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته مُلڪ جي گهڻي قدر حصن ۾ برساتون معمول موجب نه پوڻ جو امڪان آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا جي اترين علائقن ۾ معمول کان گهٽ برساتن جو امڪان آهي، گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ به معمول کان گهٽ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں