اسلام آباد: (آچر: 05 مارچ 2023ع) پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسيمبليون وڏن وزيرن ٽوڙيون آهن يا هڪ ليڊر جي حڪم تي عمل ڪيو ويو؟ ڇا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ اليڪشن دوران سيڪيورٽي ڏيڻ جي صلاحيت آهي.
هن چيوته سُپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ته چونڊن جي تاريخ ڇو نٿي ڏني وڃي، ڪاش 2018ع جي چونڊن تي به ائين ٿئي ها، اڄ پاڻمرادو وٺي رهيا آهن؟ هي ڪهڙا ڪَن آهن جن کي 15 لک عوام جي آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي ۽ چئن ماڻهن تي سو موٽو وٺن ٿا.