راولپنڊي: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته چين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان دوستي جو حق ادا ڪيو آهي پوءِ به حڪمران سامراج جا غلام بڻيل آهن.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ ۾ پاڪستان جو ڪيس ايجنڊا تي نه آهي، چين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان دوستي جو حق ادا ڪيو آهي پر ان باوجود حڪمران اڃان تائين سامراج جا غلام بڻيل آهن.
شيخ رشيد چيو ته ملڪ جي تباهه حال صورتحال باوجود سياستدان وڊيو ۽ آڊيو ۾ ڦاٿل آهن، بجلي تي ساڍا 3 روپيه في يونٽ واڌ جو سرچارج لڳايو ويو آهي. غريب حاجين جي لاءِ به ناڻو خالي آهي، هاڻ ڊالر وارا ئي حج ڪري سگهندا.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته صدر ته چونڊن جي 30 اپريل جي تاريخ ڏني آهي. پي ڊي ايم جي مشاورت جو فيصلو اڃان سامهون ناهي آيو، چونڊن ۾ ئي ملڪ جي بقا آهي. چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ملڪ جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي.
شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن جو نگران وڏو وزير 9 سالن جي ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪري رهيو آهي. 30 اپريل تي چونڊون ٿين ٿيون يا اڃان به عشق جا امتحان ورتا ويندا