لاهور: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته(ن) ليگ وارا اڃان تائين سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته الزام لڳائيندڙ اڄ پنهنجا منهن لڪائي رهيا آهن.
گوجرانوالا ڊويزن ۾ اڄ ڇنڇر 4 مارچ تي پارٽي جي مرڪزي تنظيم جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت مريم نوازشريف ڪئي.
ان موقعي تي خواجه آصف، پرويز رشيد ۽ پارٽي جو صوبائي صدر راڻا ثناءُالله به شريڪ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نوازشريف چيو ته ڪٺ پتلي جو تماشو ڪندڙ هاڻ گهرن ۾ قيد ٿي چڪا آهن. مشڪل معاشي حالتن ۾ ٻڏل ملڪ اسان کي پهريون ڀيرو ناهي مليو. ملڪ جڏهن به مسئلن ۾ ٻڏل هوندو آهي ته تڏهن نوازشريف ۽ شهباز شريف کي ئي اچڻو پوندو آهي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته سازشين جي سازش آهي ته ملڪ جي معيشت بهتر نه ٿئي پر هميشه جيان شينهن ئي قوم کي مسئلن مان نجات ڏياريندو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان جو ٽرڪ ڊرائيورن سميت پڪڙجي چڪو آهي.(ن) ليگ کي ختم ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويا، الزام لڳائيندڙ اڄ پنهنجا منهن لڪائي رهيا آهن.