مسوڀرڳڙي رپورٽ۔قلب لغاري 4-3-2023 مسوڀرڳڙي لڳ مال جي واپاري کي مارڻ جون ڌمڪيون , واپاري جو احتجاج آء جي سنڌ کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڳوٺ واڻڪي وسي جي رهواسي اشرف علي پٺاڻ عرف دودو لوهار مسوڀرڳڙي ۾ ميڊيا اڳيان احتجاج ھن الزام هڻدي چيو ته غلام رسول ۽ محمد حسن موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن , هن چيو تہ مون انھن کان مينهون ورتيون هيون جن جي ڪل قيمت تيرنهن لک رپيا هئي جن مان يارنهن لک ستر هزار رپيا ڏيئي چڪو آھيان باقي رقم هڪ لک ٽيھ هزار رپيا رهجي ويا جيڪي قسطن جي صورت ۾ ادا ڪندس۔ هن چيو تہ مون اهڙين ڌمڪين جي هٽڙي ٿاڻي تي اين سي بہ داخل ڪرائي آھي ۽ درخواستون بہ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي مٽياري کي پڻ ڏنيون آھن ۔هن وزيراعلى سنڌ۔ آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي حيدرآباد۔ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو تہ ڌمائيندڙ ڌر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آئون پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس جنهن جو ڪيس ڌماڪئندڙ ڌر تي داخل ڪرايو وڃي
