لاهور: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ لاهور مان پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي فائنل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب حماد اظهر پي پي 125 لاهور مان صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو. ذريعن موجب پي پي 148 مان عبدالڪريم، پي پي 149 مان مهر وسيم ۽ پي پي 152 مان وسيم قادر اميدوار هوندو. پي پي 169 مان اڪرم عثمان، پي پي 164 مان علي بابا، پي پي 153 مان يوسف ميو، پي پي 156 مان علي وڙائچ، پي پي 157 مان حافظ فرحت عباس، پي پي 158 مان مهر شرافت پي ٽي آءِ جا اميدوار هوندا.
ذريعن موجب پي پي 159 مان اعظم خان نيازي، پي پي 162 مان ظهير عباس کوکر، پي پي 164 مان احمر رشيد ڀٽي، پي پي 165 مان خالد گجر، پي پي 166 مان سرفراز کوکر، پي پي 167 مان نديم بار ۽ پي پي 160 مان مراد راس اميدوار هوندا.
ذريعن موجب عمران خان پي پي 161 مان عاطف چوڌري، پي پي 168 مان محمودالرشيد، پي پي 170 مان ميان اسلم اقبال، پي پي 172 مان زبير نيازي ۽ پي پي 173 مان اصغر گجر جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.