35

سڀني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان: عمران خان

لاهور: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سمجهوتي لاءِ تيار آهيان.
وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت ڪيرائي پئي وئي ته ان وقت آرمي چيف کي سمجهايو هو ته عدم استحڪام ايندو، سياستدان سڀني سان ڳالهائيندو آهي ڪنهن سان اڦي ناهي ڪندو پر جيڪي ماڻهو ملڪ جو پئسو چوري ڪن انهن سان ڪيئن سمجهوتو ٿي سگهي ٿو؟ جنرل باجوا چيو ته انهن کي اين آر او ڏيو، مان ڪير ٿيندو آهيان جو عوام جو پئسو انهن کي معاف ڪري ڇڏيان؟

هن چيو مان سڀني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي خبر آ ته قاتلاڻي حملي ۾ ڪير ڪير ملوث هو، حملو ڪندڙن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ گذاريا، ٻاهر اچي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين، اڄ پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو.
سندس چوڻ هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ يقين رکان ٿو ته اهي چونڊون ڪرائيندا، ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ چونڊون پهريون قدم آهي، سياسي استحڪام چونڊن سان ايندو، ان کانپوءِ معاشي استحڪام ايندو، عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ايندي ته عوام جو اعتماد وڌندو، اعتماد نه هوندو ته سيڙپڪار پنهنجو پئسو نه لڳائيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں