39

سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبلز ۽ ڊرائيورن جي هزارين پوسٽن تي ڀرتيون شروع

ڪراچي: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) سنڌ پوليس ۾ ڊرائيورن ۽ پوليس ڪانسٽيبلز جي گريڊ 7 جي 4 هزار 569 جاين تي ڀرتين جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
اميدوارن لاءِ لاڳاپيل ضلعي جو ڊوميسائل، تعليمي قابليت ۽ طبي معيار جو هجڻ لازمي آهي، اميدوار 31 مارچ 2023ع تائين آن لائن درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ طرفان خط جاري ڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين موجب ڪراچي رينج ۾ مجموعي طور 1362 جاين تي ضلعي سائوٿ لاءِ 173، سٽي 104، ڪياماڙي 226، ايسٽ 283، ملير 132، ڪورنگي 58، سينٽرل 275 ۽ ويسٽ لاءِ 111 اميدوار گهربل آهن.

حيدرآباد پوليس رينج لاءِ 909، شهيد بينظير آباد رينج لاءِ 304، سکر رينج لاءِ 566، جڏهن ته لاڙڪاڻي رينج لاءِ 820 جاين تي ڀريون شروع ڪيون پيون وڃن.
سنڌ پوليس جي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (ايس ايس يو) لاءِ گريڊ 7 جي ڊرائيور ۽ پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ 361 اميدوار گهربل آهن.
اختيارين موجب ايس ايس يو ۾ ڀرتي لاءِ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ڊوميسائل رکندڙ اميدوار درخواستون ڏئي سگهن ٿا، تسليم ٿيل بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن مان ميٽرڪ پاس ۽ (آن لائن درخواست فارم جي آخري تاريخ تائين) ڪارآمد موٽر ڪار ڊرائيونگ لائسنس رکندڙ اميدوار اهل قرار ڏنا ويندا، اميدوار جو گهٽ ۾ گهٽ قد 5 فوٽ 6 انچ، ڇاتي 33 انچ لازمي آهي، جڏهن ته اميدوار کي 10 منٽن ۾ 1600 ميٽر جي ڊوڙ لازمي ڪرڻي پوندي.
آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ تائين اميدوار جي عمر 28 سالن کان گهٽ هجڻ لازمي آهي.
اهليت لاءِ عورتن جو قد 5 فوٽ ۽ 14 منٽن ۾ 800 ميٽر واڪ لازمي قرار ڏني وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں