ڪراچي: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي 2020ع جي امتحانن ۾ گڙٻڙ تي اميدوارن کان ٻن مهينن ۾ ٻيهر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت عاليا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2020ع جي امتحانن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت 2020ع جي اميدوارن کان ٻن مهينن ۾ ٻيهر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته امتحان هاءِ ڪورٽ جي آفيشل اسائني ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار جي نگراني ۾ ورتا وڃن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين به رپورٽ ۾ تبديلي جي تصديق ڪئي، نتيجن ۾ تبديلي جي الزام ۾ ملوث آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته معطلي سان ڪم نه هلندو، ذميوارن جو پتو لڳائي کين سزائون ڏنيون وڃن.
عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته اطمينان جوڳي ڪارروائي نه ٿي ته عدالت پاڻ فيصلو ڪندي.
ياد رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2020ع جي امتحانن ۾ جعلسازي ۽ گڙٻڙ جي انڪشاف تي سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت امتحان ڪالعدم قرار ڏنا هئا