لاهور:(ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جڏهن آءِ ايم ايف مان قسط آئي ته حفيظ شيخ کي هٽايو ويو. جڏهن تيل سستو هو ته سبسڊي ڏئي 72 ارب روپين جو نقصان ڪيو ويو.
هن چيو ته صوبا ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، منهنجي اچڻ کان پهرين ۽ منهنجي اچڻ کان پوءِ به ڪجهه غلطيون ٿيون. مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان جي ڪري جيل ويس، اسان وري ساڳيون غلطيون ڪري رهيا آهيون جيڪي عمران خان ڪيون.
پاڪستان اڄ 75 سالن جي غلطين سبب هيستائين پهتو آهي، ڪورونا دوران آءِ ايم ايف ڇوٽ ڏني پر اسان غلطي ڪئي. هن چيو ته شوڪت ترين ٻيهر ڀڄي آءِ ايم ايف ويو ۽ مني بجيٽ پيش ڪيو، صوبا هڪ هزار ارب روپيه تعليم تي خرچ ڪندا آهن.
عمران خان جي حڪومت پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪري آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي صوبائي حڪومتون ٽيڪس جمع ناهن ڪنديون. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو. 87 سيڪڙو پاڪستانين کي ايتري خوراڪ نه پئي ملي جيتري کين ملڻ گهرجي.