اسلام آباد: (ڇنڇر: 04 مارچ 2023ع) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مذهبي معاملن جي اختيارين کي معاشي پريشانين جي باوجود حاجين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ حج پاليسي 2023 جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير عبدالشڪور به شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال هڪ لک 79 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج ڪندا. مذهبي معاملن واري وزير اسحاق ڊار کي فارين ايڪسچينج بابت پيش ايندڙ مسئلن کان به آگاهه ڪيو.
ناڻي واري وزير معاشي پريشانين جي باوجود حاجين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته حج مقدس فرض آهي ان جي لاءِ وڌ کان وڌ تعاون ڪيو ويندو