29

ڏيوالي جون خبرون غلط آهن، ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (خميس: 02 مارچ 2023ع) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون خبرون مڪمل طور غلط آهن، وقت تي ٻاهرين ادائيگين باوجود اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جي واڌ ٿي.

هن چيو ته پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي سهولتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اڄ کان ورچوئل ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں