30

وفاقي ڪابينا پاران بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد: (خميس: 02 مارچ 2023ع) وفاقي ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ بجلي جي لائين لاسز ۽ بجلي چوري واري معاملي تي وفاقي ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي، ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ لاءِ بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ 23 هين جنوري جي بجلي جي بريڪ ڊائون تي 18صفحن تي ٻڌل رپورٽ به پيش ڪئي وئي.
ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن رپورٽ تي تفصيلي بحث ڪيو، رپورٽ م اين ٽي ڊي سي، نيپرا، پاور ڪنٽرول مئنيجمنٽ ۽ شفٽ انچارج کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف لاڳيتو ٽن بريڪ ڊائون تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پاور منسٽري کي گڏيل پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.
وزيراعظم سسٽم جي بهتري لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں