اسلام آباد: (خميس: 02 مارچ 2023ع) ڊالر جي قدر ۽ وياج جي شرح ۾ واڌ تي عمران خان جي تنقيد کانپوءِ مريم نواز به ميدان ۾ اچي وئي.
مريم نواز طرفان عمران خان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي همت آهي ته توهان انهن ماڻهن تي تنقيد ڪري رهيا آهيو، جيڪي توهان جي غلط ترجيحن ۽ غلط پاليسين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سندس موجب توهان آءِ ايم ايف سان ظالماڻي ڊيل ڪئي، توهان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي پاڪستان کي مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو.
ان کان اڳ عمران خان ٽوئيٽر بيان ۾ چيو هو ته حڪومت تبديلي جي سازش ذريعي اڳوڻي آرمي چيف ڦورن جي ٽولي کي مڙهيو، قوم ان جي ڳري قيمت ادا ڪري رهي آهي