42

خيرپور ۾ بيواھ عورت جو بااثرن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، تشدد ڪري گهر مان بي دخل

خيرپور رپورٽ فھیم زیدی خيرپور ۾ بيواھ عورت ۽ سندس نوجوان نياڻي جو بااثرن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، تشدد ڪري گهر مان بي دخل، متاثرين جون ميڊيا آڏو دانهون، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان جي رهواسي عورت حاڪم زادي زال مرحوم غلام شبير لاشاري پنهنجي نوجوان ڌيءَ سميرا خاتون سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس غلام شبير لاشاري جي ٻي گهر واري، سندس پٽ بنا جواز منهنجي مڙس جي ملڪيت تي قبضو ڪري اسان کي گهر مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو آهي، جن جي ظلم خلاف اسان بي سيڪشن ٿاڻي ،وومين ٿاڻي تي فرياد ڪئي آهي، پر ڪو بہ تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، الٽو اسانکي خاموش نہ رهڻ ڪري موتمار ڌمڪيون پيا ڏين، هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس واران کان مطالبو ڪيو تہ واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں