مسوڀرڳڙي ,رپوٽ .قلب لغاري 1-3-2023 مسوڀرڳڙي وايا حيدرآباد ڇلگري روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو, ڪپر تباھ ھجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل هاء ويز کاتي پاران روڊ جي مرمت لاءِ ڪي بہ اُپاءَ نہ ورتا ويا پر ھاڻوڪي برسات کان پوء سڄي روڊ تي کڏا پئجي ويا آھن روڊ کي ڊبل روڊ ڪرائڻ جي منظوري جون ڳالهيون سالن کان ٻڌڻ لاءِ مليون آهن پر روڊ جو مرمتي ڪم اڃان بہ شروع ناھي ٿي سگھيو ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ وزير اعليٰ سنڌ هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ وس وارا ھن طرف توجھ ڏئي روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي تہ جيئن سوين علائقي واسين کي گهٽ ۾ گهٽ ڪا سٺي سفري سهولت ميسر ٿي سگهي
