اسلام آباد: (خميس: 02 مارچ 2023ع) اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ رمضان پيڪيج جي لاءِ 19 شين تي 5 ارب روپيه سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي جيڪا يوٽيليٽي اسٽورز جي ذريعي ڏني ويندي.
ان کان علاوه اي سي سي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 3900 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته رمضان پيڪيج جي تحت سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن جي لاءِ هوندي جيڪا يوٽيليٽي اسٽورز تي ڏني ويندي.