34

ڪهڙن ڪيسن ۾ عمران خان جي گرفتاري جو امڪان آهي، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: (آچر: 26 فيبروري 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ ڪهڙن ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي. ان حوالي سان سمورا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان اسلام آباد ۽ لاهور جي مختلف عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ 36 کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جنهن ۾ نااهلي، ضمانت، فوجداري ڪارروائي ۽ توهين عدالت جا ڪيس شامل آهن. جڏهن ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس، توشه خان، فوجداري ڪارروائي ۽ ٽيريان نااهلي ڪيس سڀني کان اهم آهن.

عمران خان کي سنگجاڻي ٿاڻي تي داخل ڪيل دهشتگردي جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت اڃان ڪرائڻي آهي جڏهن ته دهشتگردي جي ڪيسن مان عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ مان 3 مارچ تائين حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙي طرح پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت ٿيڻ جوڳن 2 ڪيسن ۾ ٻڌڻي پڻ هلندڙ آهي. جيڪڏهن عمران خان جي انهن 2 ڪيسن مان ضمانت رد ٿي ته سندس گرفتاري به ٿي سگهي ٿي ڇو ته 25 کان وڌيڪ فوجداري ڪيسن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ضمانت تي آزاد آهي. سڀني کان وڌيڪ 25 ڪيس اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. جتي صرف 2 ڪيسن کان علاوه عمران خان باقي سمورن ڪيسن ۾ مستقل ضمانت تي آهي.

توشه خانه فوجداري ڪارروائي جي ڪيس ۾ عمران خان کي سيشن ڪورٽ 28 فيبروري تي طلب ڪري رکيو آهي جنهن ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو به امڪان آهي.

اسلام آباد جي سيشن عدالت جا 23 ڪيس اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ داخل آهن اهي ڪيس گذريل سال 25 ۽ 26 مئي تي احتجاج، آگسٽ جي ريلين ۽ توشه خانه فيصلي جي احتجاج تي داخل ٿيا هئا. اهڙي طرح ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري خلاف ڌمڪي واري بيان جو ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهي. 2014 جي پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ مٿان حملي جي ڪيس ۾ 2 ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهن. بينڪنگ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان پرڏيهي ايڪسچينج ايڪٽ جو ڪيس داخل آهي ان ڪيس ۾ بينڪنگ ڪورٽ 28 فيبروري تي عمران خان کي حتمي حاضري جي مهلت ڏئي رکي آهي.عمران خان جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ضمانت رد ٿيڻ جو به امڪان آهي جڏهن ته شريڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.
اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ عمران خان جي خواجه آصف، نجم سيٺي ۽ نجي ٽي وي چينل تي توهين عدالت جي دعويٰ ٻڌڻي هيٺ آهي جڏهن ته لاهور ۾ عمران خان ۽ شهباز شريف وچ ۾ توهين عدالت جا ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهن.
عمران خان تي مبينه ڌيءَ ٽيريان کي 2018 جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي نااهلي ڪيس به داخل ٿيل آهي. توشه خانه ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف به ڪيس آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي توهين اليڪشن ڪميشن جو ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ توشه خانه فيصلي جي حوالي سان پارٽي سربراهي تان هٽائڻ جڏهن ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں