لوئردير: (آچر: 26 فيبروري 2023ع) خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ ٽڪ ٽاڪر نوجوان موبائيل فون نه ڏيڻ تي فائرنگ ڪري پيءُ کي قتل ۽ ماءُ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب پيءُ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس والده جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
تيمرگره ۾ 18 سالن جي نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي والدين تي فائرنگ ڪئي. نوجوان روزاني جي بنياد تي ٽڪ ٽاڪ وڊيو تيار ڪرڻ جي لاءِ مقامي علائقي ۾ پهاڙن تي ويندو هو.
واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب ٽڪ ٽاڪر جوابدار جو پيءُ ٽيڪسي ڊرائيور هو لوئر دير پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو جتي عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.